خير جليس لا يمل حديثه
سورة المعارج

Sindhi

سورة المعارج - عدد الآيات 44

سَأَلَ سَآئِلُۢ بِعَذَابٖ وَاقِعٖ ﰀ ﴿١﴾

ھڪ سوال ڪندڙ ڪافرن تي پوندڙ عذاب جو سوال ڪيو.

لِّلۡكَٰفِرِينَ لَيۡسَ لَهُۥ دَافِعٞ ﰁ ﴿٢﴾

جنھن کي ڪو ھٽائڻ وارو نه آھي.

مِّنَ ٱللَّهِ ذِي ٱلۡمَعَارِجِ ﰂ ﴿٣﴾

جو وڏن مرتبن واري الله جي طرف کان (پوندڙ) آھي.

تَعۡرُجُ ٱلۡمَلَٰٓئِكَةُ وَٱلرُّوحُ إِلَيۡهِ فِي يَوۡمٖ كَانَ مِقۡدَارُهُۥ خَمۡسِينَ أَلۡفَ سَنَةٖ ﰃ ﴿٤﴾

جنھن ڏينھن جي ڊيگھ پنجاھ ھزار ورھيه آھي تنھن ۾ ملائڪ ۽ جبرئيل الله ڏانھن چڙھندا.

فَٱصۡبِرۡ صَبۡرٗا جَمِيلًا ﰄ ﴿٥﴾

تنھنڪري تون چڱو صبر ڪر.

إِنَّهُمۡ يَرَوۡنَهُۥ بَعِيدٗا ﰅ ﴿٦﴾

ڇوته ڪافر انھيءَ (ڏينھن) کي پري ڏسن ٿا.

وَنَرَىٰهُ قَرِيبٗا ﰆ ﴿٧﴾

۽ اسين اُن کي ويجھو ٿا ڏسون.

يَوۡمَ تَكُونُ ٱلسَّمَآءُ كَٱلۡمُهۡلِ ﰇ ﴿٨﴾

جنھن ڏينھن آسمان پگھريل ٽامي وانگر ٿيندو.

وَتَكُونُ ٱلۡجِبَالُ كَٱلۡعِهۡنِ ﰈ ﴿٩﴾

۽ جبل رڱيل اُن جان ٿيندا.

وَلَا يَسۡـَٔلُ حَمِيمٌ حَمِيمٗا ﰉ ﴿١٠﴾

۽ ڪو مائٽ ڪنھن ٻئي مائٽ کان نه پڇندو.

يُبَصَّرُونَهُمۡۚ يَوَدُّ ٱلۡمُجۡرِمُ لَوۡ يَفۡتَدِي مِنۡ عَذَابِ يَوۡمِئِذِۭ بِبَنِيهِ ﰊ ﴿١١﴾

(توڙي جو) اُھي کين ڏسڻ ۾ ايندا، گنھگار گھرندو ته جيڪر اُن ڏينھن جي عذاب جي بدران پنھنجا پُٽ بدلو ڏئي.

وَصَٰحِبَتِهِۦ وَأَخِيهِ ﰋ ﴿١٢﴾

۽ پنھنجي زال ۽ پنھنجو ڀاءُ (به).

وَفَصِيلَتِهِ ٱلَّتِي تُـٔۡوِيهِ ﰌ ﴿١٣﴾

۽ پنھنجو اُھو سارو قبيلو (به) جنھن کيس ٽڪايو ٿي.

وَمَن فِي ٱلۡأَرۡضِ جَمِيعٗا ثُمَّ يُنجِيهِ ﰍ ﴿١٤﴾

۽ اُھو (به) جيڪي سڀئي زمين ۾ آھي پوءِ سندس اھو (بدلو ڏيڻ) ڇڏائيس.

كَلَّآۖ إِنَّهَا لَظَىٰ ﰎ ﴿١٥﴾

ائين نه آھي، بيشڪ اِھو (دوزخ) الانبن واري باھ آھي.

نَزَّاعَةٗ لِّلشَّوَىٰ ﰏ ﴿١٦﴾

مَٿي جي کَل کي ڇڪيندڙ آھي.

تَدۡعُواْ مَنۡ أَدۡبَرَ وَتَوَلَّىٰ ﰐ ﴿١٧﴾

جيڪو (خدا کان) پٺيرو ٿيو ۽ منھن موڙيائين تنھنکي سڏي ٿي.

وَجَمَعَ فَأَوۡعَىٰٓ ﰑ ﴿١٨﴾

۽ (مال) گڏ ڪيائين پوءِ سانڀيائين.

۞ إِنَّ ٱلۡإِنسَٰنَ خُلِقَ هَلُوعًا ﰒ ﴿١٩﴾

بيشڪ ماڻھو حرص وارو پيدا ٿيل آھي.

إِذَا مَسَّهُ ٱلشَّرُّ جَزُوعٗا ﰓ ﴿٢٠﴾

جڏھن (ڪو) ڏُک پھچندو اٿس (ته) دانھون ڪندو آھي.

وَإِذَا مَسَّهُ ٱلۡخَيۡرُ مَنُوعًا ﰔ ﴿٢١﴾

۽ جڏھن ڪو سُک پھچندو اٿس (ته) ڪنجوس ٿيندو آھي.

إِلَّا ٱلۡمُصَلِّينَ ﰕ ﴿٢٢﴾

پر (اُھي) نمازي (نه).

ٱلَّذِينَ هُمۡ عَلَىٰ صَلَاتِهِمۡ دَآئِمُونَ ﰖ ﴿٢٣﴾

جيڪي پنھنجي نماز تي ھميشه پورا آھن.

وَٱلَّذِينَ فِيٓ أَمۡوَٰلِهِمۡ حَقّٞ مَّعۡلُومٞ ﰗ ﴿٢٤﴾

۽ اُھي (به) جن جي مالن ۾ (خداءَ جو) حصّو مقرر ٿيل آھي.

لِّلسَّآئِلِ وَٱلۡمَحۡرُومِ ﰘ ﴿٢٥﴾

سوال ڪندڙ ۽ نه سوال ڪندڙن لاءِ.

وَٱلَّذِينَ يُصَدِّقُونَ بِيَوۡمِ ٱلدِّينِ ﰙ ﴿٢٦﴾

۽ اُھي جيڪي قيامت جي ڏينھن جو يقين رکندا آھن.

وَٱلَّذِينَ هُم مِّنۡ عَذَابِ رَبِّهِم مُّشۡفِقُونَ ﰚ ﴿٢٧﴾

۽ اُھي جيڪي پنھنجي پالڻھار جي عذاب کان ڊڄڻ وارا آھن.

إِنَّ عَذَابَ رَبِّهِمۡ غَيۡرُ مَأۡمُونٖ ﰛ ﴿٢٨﴾

بيشڪ سندس پالڻھار جو عذاب (اھڙو آھي) جنھن کان بچي نه سگھبو.

وَٱلَّذِينَ هُمۡ لِفُرُوجِهِمۡ حَٰفِظُونَ ﰜ ﴿٢٩﴾

۽ اُھي جيڪي پنھنجين اگھڙن کي نگاھ رکڻ وارا آھن.

إِلَّا عَلَىٰٓ أَزۡوَٰجِهِمۡ أَوۡ مَا مَلَكَتۡ أَيۡمَٰنُهُمۡ فَإِنَّهُمۡ غَيۡرُ مَلُومِينَ ﰝ ﴿٣٠﴾

پنھنجين زالن يا پنھنجين ٻانھين کانسواءِ پوءِ بيشڪ اُھي ملامت وارا نه آھن.

فَمَنِ ٱبۡتَغَىٰ وَرَآءَ ذَٰلِكَ فَأُوْلَٰٓئِكَ هُمُ ٱلۡعَادُونَ ﰞ ﴿٣١﴾

پوءِ جيڪي اُن کانسواءِ (ٻي ڳالھ) طلبيندا سي ئي حد کان لنگھڻ وارا آھن.

وَٱلَّذِينَ هُمۡ لِأَمَٰنَٰتِهِمۡ وَعَهۡدِهِمۡ رَٰعُونَ ﰟ ﴿٣٢﴾

۽ اُھي جيڪي پنھنجين امانتن کي ۽ پنھنجن انجامن کي پوري ڪرڻ وارا آھن.

وَٱلَّذِينَ هُم بِشَهَٰدَٰتِهِمۡ قَآئِمُونَ ﰠ ﴿٣٣﴾

۽ اُھي جيڪي پنھنجين شاھدين تي قائم آھن.

وَٱلَّذِينَ هُمۡ عَلَىٰ صَلَاتِهِمۡ يُحَافِظُونَ ﰡ ﴿٣٤﴾

۽ اُھي جيڪي پنھنجي نماز جي سنڀال ڪندڙ آھن.

أُوْلَٰٓئِكَ فِي جَنَّٰتٖ مُّكۡرَمُونَ ﰢ ﴿٣٥﴾

اُھي (بھشت جي) باغن ۾ عزت سان رھندا.

فَمَالِ ٱلَّذِينَ كَفَرُواْ قِبَلَكَ مُهۡطِعِينَ ﰣ ﴿٣٦﴾

پوءِ ڪافرن کي ڇا (ٿيو) آھي جو توڏانھن ڪنڌ کڻي ڊوڙندا آھن.

عَنِ ٱلۡيَمِينِ وَعَنِ ٱلشِّمَالِ عِزِينَ ﰤ ﴿٣٧﴾

سڄي پاسي کان ۽ کٻي پاسي کان ٽوليون ٽوليون ٿي.

أَيَطۡمَعُ كُلُّ ٱمۡرِيٕٖ مِّنۡهُمۡ أَن يُدۡخَلَ جَنَّةَ نَعِيمٖ ﰥ ﴿٣٨﴾

منجھائن سڀڪو شخص نعمت واري بھشت جي گھڙڻ جي طمع ڪري ٿو ڇا؟

كَلَّآۖ إِنَّا خَلَقۡنَٰهُم مِّمَّا يَعۡلَمُونَ ﰦ ﴿٣٩﴾

ائين نه آھي، بيشڪ اسان اُنھن کي اُنھيءَ شيءِ مان پيدا ڪيو آھي جنھنجي خبر اٿن.

فَلَآ أُقۡسِمُ بِرَبِّ ٱلۡمَشَٰرِقِ وَٱلۡمَغَٰرِبِ إِنَّا لَقَٰدِرُونَ ﰧ ﴿٤٠﴾

پوءِ اُڀرندن ۽ اُلھندن جي پالڻھار جو قسم کڻان ٿو ته بيشڪ اسين وسوارا آھيون.

عَلَىٰٓ أَن نُّبَدِّلَ خَيۡرٗا مِّنۡهُمۡ وَمَا نَحۡنُ بِمَسۡبُوقِينَ ﰨ ﴿٤١﴾

ھن (ڳالھ) تي جو اُنھن کان چڱا (ٻيا) مٽائي آڻيون ۽ اسين ڪي عاجز ٿيڻ وارا نه آھيون.

فَذَرۡهُمۡ يَخُوضُواْ وَيَلۡعَبُواْ حَتَّىٰ يُلَٰقُواْ يَوۡمَهُمُ ٱلَّذِي يُوعَدُونَ ﰩ ﴿٤٢﴾

پوءِ (اي پيغمبر) انھن کي (ايسين) ٺاھ ٺاھيندو ۽ راند ڪندو ڇڏي ڏي جيسين اُھي پنھنجو اُھو ڏينھن ڏسن جنھن جو کين انجام ڏجي ٿو.

يَوۡمَ يَخۡرُجُونَ مِنَ ٱلۡأَجۡدَاثِ سِرَاعٗا كَأَنَّهُمۡ إِلَىٰ نُصُبٖ يُوفِضُونَ ﰪ ﴿٤٣﴾

جنھن ڏينھن قبرن مان ڊوڙندا نڪرندا ڄڻ ته اُھي ڪنھن جھنڊي ڏانھن ڊڪن ٿا.

خَٰشِعَةً أَبۡصَٰرُهُمۡ تَرۡهَقُهُمۡ ذِلَّةٞۚ ذَٰلِكَ ٱلۡيَوۡمُ ٱلَّذِي كَانُواْ يُوعَدُونَ ﰫ ﴿٤٤﴾

ان وقت سندن اکيون جھڪيون ھونديون انھن کي خواري وٺي ويندي، اِھو اُھو ڏينھن آھي جنھن جو کين انجام ڏنو ٿي ويو.