Sindhi
سورة النازعات - عدد الآيات 46
وَٱلنَّٰزِعَٰتِ غَرۡقٗا ﰀ ﴿١﴾
اندر گھڙي ڇڪي آئيندڙن جو قسم آھي.
وَٱلنَّٰشِطَٰتِ نَشۡطٗا ﰁ ﴿٢﴾
۽ کولي آسانيءَ سان ڳنڍ ڇوڙيندڙن جو قسم آھي.
وَٱلسَّٰبِحَٰتِ سَبۡحٗا ﰂ ﴿٣﴾
۽ چڱي طرح سان ترندڙن جو قسم آھي.
فَٱلسَّٰبِقَٰتِ سَبۡقٗا ﰃ ﴿٤﴾
پوءِ ڊوڙي اڳرائي ڪندڙن جو قسم آھي.
فَٱلۡمُدَبِّرَٰتِ أَمۡرٗا ﰄ ﴿٥﴾
پوءِ (سڀ) ڪم جي رٿيندڙن ٽولين جو قسم آھي.
يَوۡمَ تَرۡجُفُ ٱلرَّاجِفَةُ ﰅ ﴿٦﴾
ته جنھن ڏينھن ڌٻڻ واري ڌٻندي.
تَتۡبَعُهَا ٱلرَّادِفَةُ ﰆ ﴿٧﴾
ان کي پٺيان لڳندڙ (ٻيو ڌوڏو) پٺيان لڳندو.
قُلُوبٞ يَوۡمَئِذٖ وَاجِفَةٌ ﰇ ﴿٨﴾
تنھن ڏينھن ڪيتريون ئي دليون ڏڪي وڃڻ واريون ھونديون.
أَبۡصَٰرُهَا خَٰشِعَةٞ ﰈ ﴿٩﴾
انھن جون اکيون (خواريءَ سبب) جھڪيون ٿينديون.
يَقُولُونَ أَءِنَّا لَمَرۡدُودُونَ فِي ٱلۡحَافِرَةِ ﰉ ﴿١٠﴾
چون ٿا ته اسين پوئين پيرين موٽائباسون ڇا؟
أَءِذَا كُنَّا عِظَٰمٗا نَّخِرَةٗ ﰊ ﴿١١﴾
ھان جڏھن ڀُتا ھڏا ٿينداسون؟
قَالُواْ تِلۡكَ إِذٗا كَرَّةٌ خَاسِرَةٞ ﰋ ﴿١٢﴾
چوندا آھن ته انھي مھل اھو ٻيھر موٽڻ (وڏو) نقصان وارو آھي.
فَإِنَّمَا هِيَ زَجۡرَةٞ وَٰحِدَةٞ ﰌ ﴿١٣﴾
پوءِ اھو (واقعو) ھڪڙي سخت ھڪل آھي.
فَإِذَا هُم بِٱلسَّاهِرَةِ ﰍ ﴿١٤﴾
پوءِ اتي جو اُتي ھڪ پڌري ميدان ۾ حاضر ٿيل ھوندا.
هَلۡ أَتَىٰكَ حَدِيثُ مُوسَىٰٓ ﰎ ﴿١٥﴾
(اي پيغمبر) تو وٽ مُوسىٰ جي خبر پُھتي آھي ڇا؟
إِذۡ نَادَىٰهُ رَبُّهُۥ بِٱلۡوَادِ ٱلۡمُقَدَّسِ طُوًى ﰏ ﴿١٦﴾
جڏھن سندس پالڻھار کيس پاڪ ميدان طُوىٰ ۾ سڏيو.
ٱذۡهَبۡ إِلَىٰ فِرۡعَوۡنَ إِنَّهُۥ طَغَىٰ ﰐ ﴿١٧﴾
ته فرعون ڏانھن وڃ ڇوته ھو حد کان لنگھيو آھي.
فَقُلۡ هَل لَّكَ إِلَىٰٓ أَن تَزَكَّىٰ ﰑ ﴿١٨﴾
پوءِ (ان کي) چؤ ته ھن ڏانھن خيال اٿئي ته تون سڌرجين؟
وَأَهۡدِيَكَ إِلَىٰ رَبِّكَ فَتَخۡشَىٰ ﰒ ﴿١٩﴾
۽ تنھنجي پالڻھار ڏانھن توکي (سڌو) رستو ڏيکاريان ته (تون اُن کان) ڊڄين.
فَأَرَىٰهُ ٱلۡأٓيَةَ ٱلۡكُبۡرَىٰ ﰓ ﴿٢٠﴾
پوءِ فرعون کي وڏي نشاني ڏيکاريائين.
فَكَذَّبَ وَعَصَىٰ ﰔ ﴿٢١﴾
پوءِ (فرعون موسى) کي ڪوڙو ڀانيو ۽ نافرماني ڪيائين.
ثُمَّ أَدۡبَرَ يَسۡعَىٰ ﰕ ﴿٢٢﴾
وري (اُتان) پٺيرو ٿي تکو ھلڻ لڳو.
فَحَشَرَ فَنَادَىٰ ﰖ ﴿٢٣﴾
پوءِ (پنھنجي قوم کي) گڏ ڪيائين پوءِ سڏيائين.
فَقَالَ أَنَا۠ رَبُّكُمُ ٱلۡأَعۡلَىٰ ﰗ ﴿٢٤﴾
پوءِ چيائين ته آءٌ اوھان جو تمام مٿاھون پالڻھار آھيان.
فَأَخَذَهُ ٱللَّهُ نَكَالَ ٱلۡأٓخِرَةِ وَٱلۡأُولَىٰٓ ﰘ ﴿٢٥﴾
پوءِ الله ان کي آخرت ۽ دُنيا جي عذاب ۾ پڪڙيو.
إِنَّ فِي ذَٰلِكَ لَعِبۡرَةٗ لِّمَن يَخۡشَىٰٓ ﰙ ﴿٢٦﴾
بيشڪ ھن (قصّي) ۾ انھي لاءِ نصيحت آھي جيڪو ڊڄي.
ءَأَنتُمۡ أَشَدُّ خَلۡقًا أَمِ ٱلسَّمَآءُۚ بَنَىٰهَا ﰚ ﴿٢٧﴾
ڀلا بڻاوت ۾ اوھين ڏکيا آھيو يا آسمان جنھن کي الله بڻايو؟
رَفَعَ سَمۡكَهَا فَسَوَّىٰهَا ﰛ ﴿٢٨﴾
اُن جي مٿاھين بلند ڪيائين پوءِ اُن کي برابر بيھاريائين.
وَأَغۡطَشَ لَيۡلَهَا وَأَخۡرَجَ ضُحَىٰهَا ﰜ ﴿٢٩﴾
۽ اُن جي رات کي اوندھ ڪيائين ۽ اُن جو سوجھرو (ڏينھن جو) پڌرو ڪيائين.
وَٱلۡأَرۡضَ بَعۡدَ ذَٰلِكَ دَحَىٰهَآ ﰝ ﴿٣٠﴾
۽ اُن کان پوءِ زمين کي وڇايائين.
أَخۡرَجَ مِنۡهَا مَآءَهَا وَمَرۡعَىٰهَا ﰞ ﴿٣١﴾
اُن مان سندس پاڻي ۽ سندس گاھ ڪڍيائين.
وَٱلۡجِبَالَ أَرۡسَىٰهَا ﰟ ﴿٣٢﴾
۽ جبلن کي مُحڪم کوڙيائين.
مَتَٰعٗا لَّكُمۡ وَلِأَنۡعَٰمِكُمۡ ﰠ ﴿٣٣﴾
اوھان جي نفعي لاءِ ۽ اوھان جي ڍورن (جي نفعي) لاءِ.
فَإِذَا جَآءَتِ ٱلطَّآمَّةُ ٱلۡكُبۡرَىٰ ﰡ ﴿٣٤﴾
پوءِ جڏھن وڏو واقعو (قيامت جو) ايندو.
يَوۡمَ يَتَذَكَّرُ ٱلۡإِنسَٰنُ مَا سَعَىٰ ﰢ ﴿٣٥﴾
اُن ڏينھن ماڻھو اھو ياد ڪندو جيڪي (دنيا ۾) ڪمايو ھوائين.
وَبُرِّزَتِ ٱلۡجَحِيمُ لِمَن يَرَىٰ ﰣ ﴿٣٦﴾
۽ دوزخ اُنھيءَ لاءِ پڌرو ڪبو جيڪو ڏسڻ گھرندو.
فَأَمَّا مَن طَغَىٰ ﰤ ﴿٣٧﴾
پوءِ جيڪو حد کان لنگھيو ھوندو.
وَءَاثَرَ ٱلۡحَيَوٰةَ ٱلدُّنۡيَا ﰥ ﴿٣٨﴾
۽ ھن دنيا جي حياتيءَ کي ڀَلو سمجھيائين.
فَإِنَّ ٱلۡجَحِيمَ هِيَ ٱلۡمَأۡوَىٰ ﰦ ﴿٣٩﴾
تنھن جي جاءِ بيشڪ دوزخ آھي.
وَأَمَّا مَنۡ خَافَ مَقَامَ رَبِّهِۦ وَنَهَى ٱلنَّفۡسَ عَنِ ٱلۡهَوَىٰ ﰧ ﴿٤٠﴾
۽ جيڪو پنھنجي پالڻھار جي (حضور ۾) روبرو بيھڻ کان ڊنو ۽ نفس کي سَڌ کان جھليائين.
فَإِنَّ ٱلۡجَنَّةَ هِيَ ٱلۡمَأۡوَىٰ ﰨ ﴿٤١﴾
پوءِ تنھنجي جاءِ بيشڪ بھشت آھي.
يَسۡـَٔلُونَكَ عَنِ ٱلسَّاعَةِ أَيَّانَ مُرۡسَىٰهَا ﰩ ﴿٤٢﴾
(اي پيغمبر) توکان قيامت بابت پُڇن ٿا ته اُن جو (واقعو) ٿيڻ ڪڏھن آھي؟
فِيمَ أَنتَ مِن ذِكۡرَىٰهَآ ﰪ ﴿٤٣﴾
(اي پڇندڙ) اُن جي خبر بابت تون ڪھڙي خيال ۾ آھين؟
إِلَىٰ رَبِّكَ مُنتَهَىٰهَآ ﰫ ﴿٤٤﴾
اُن جي پڄاڻي (جي خبر) تنھنجي پالڻھار وٽ آھي.
إِنَّمَآ أَنتَ مُنذِرُ مَن يَخۡشَىٰهَا ﰬ ﴿٤٥﴾
جيڪو قيامت کان ڊڄي رڳو تنھن لاءِ تون ڊيڄاريندڙ آھين.
كَأَنَّهُمۡ يَوۡمَ يَرَوۡنَهَا لَمۡ يَلۡبَثُوٓاْ إِلَّا عَشِيَّةً أَوۡ ضُحَىٰهَا ﰭ ﴿٤٦﴾
جنھن ڏينھن اُن کي ڏسندا (تنھن ڏينھن) ائين ڀانئيندا ته ڄڻڪ ھڪڙي وقت سانجھي يا ان جي صبح کانسواءِ (دنيا ۾) رھيا ئي نه ھوا.