خير جليس لا يمل حديثه
سورة الطارق

Sindhi

سورة الطارق - عدد الآيات 17

وَٱلسَّمَآءِ وَٱلطَّارِقِ ﰀ ﴿١﴾

آسمان جو ۽ رات جي وقت ۾ ايندڙ جو قسم آھي.

وَمَآ أَدۡرَىٰكَ مَا ٱلطَّارِقُ ﰁ ﴿٢﴾

۽ ڪنھن سمجھايئي ته رات جو ايندڙ ڇا آھي؟

ٱلنَّجۡمُ ٱلثَّاقِبُ ﰂ ﴿٣﴾

(اُھو) چمڪندڙ تارو آھي.

إِن كُلُّ نَفۡسٖ لَّمَّا عَلَيۡهَا حَافِظٞ ﰃ ﴿٤﴾

ته ڪو جيءُ اھڙو ڪونھي جنھن تي ھڪ نگھبان مقرر ٿيل (نه) آھي.

فَلۡيَنظُرِ ٱلۡإِنسَٰنُ مِمَّ خُلِقَ ﰄ ﴿٥﴾

تنھنڪري ماڻھوءَ کي گھرجي ته نھاري ڏسي ته کيس ڇا مان بڻايو ويو آھي.

خُلِقَ مِن مَّآءٖ دَافِقٖ ﰅ ﴿٦﴾

ٽپي سان نڪرندڙ پاڻي مان بڻايو ويس.

يَخۡرُجُ مِنۢ بَيۡنِ ٱلصُّلۡبِ وَٱلتَّرَآئِبِ ﰆ ﴿٧﴾

جو پُٺيءَ ۽ اُرھ جي وچ مان نڪرندو آھي.

إِنَّهُۥ عَلَىٰ رَجۡعِهِۦ لَقَادِرٞ ﰇ ﴿٨﴾

بيشڪ الله سندس وري موٽائڻ تي وس وارو آھي.

يَوۡمَ تُبۡلَى ٱلسَّرَآئِرُ ﰈ ﴿٩﴾

جنھن ڏينھن (ماڻھن جي دلين جا) سڀ ڳُجھ جاچيا ويندا.

فَمَا لَهُۥ مِن قُوَّةٖ وَلَا نَاصِرٖ ﰉ ﴿١٠﴾

پوءِ تنھن ڏينھن ڪانه اُن کي سگھ رھندي ۽ نڪو واھرو (ھوندس).

وَٱلسَّمَآءِ ذَاتِ ٱلرَّجۡعِ ﰊ ﴿١١﴾

۽ مينھن واري آسمان جو قسم آھي.

وَٱلۡأَرۡضِ ذَاتِ ٱلصَّدۡعِ ﰋ ﴿١٢﴾

۽ ڦاٽن واريءَ زمين جو (به) قسم آھي.

إِنَّهُۥ لَقَوۡلٞ فَصۡلٞ ﰌ ﴿١٣﴾

ته بيشڪ قرآن ھڪ فيصلو ڪندڙ ڳالھ آھي.

وَمَا هُوَ بِٱلۡهَزۡلِ ﰍ ﴿١٤﴾

۽ ھيُ قرآن ڪا ٺـٺولي (جي ڳالھ) نه آھي.

إِنَّهُمۡ يَكِيدُونَ كَيۡدٗا ﰎ ﴿١٥﴾

بيشڪ ڪافر ھڪ (طرح جي) ڳجھي رٿ رٿين ٿا.

وَأَكِيدُ كَيۡدٗا ﰏ ﴿١٦﴾

۽ (آءٌ به) ھڪ (طرح جي) رٿ رٿيان ٿو.

فَمَهِّلِ ٱلۡكَٰفِرِينَ أَمۡهِلۡهُمۡ رُوَيۡدَۢا ﰐ ﴿١٧﴾

پوءِ ڪافرن کي ڍر ڏي ۽ ٿوري مُدت کين ڇڏي ڏي.