خير جليس لا يمل حديثه
سورة البلد

Sindhi

سورة البلد - عدد الآيات 20

لَآ أُقۡسِمُ بِهَٰذَا ٱلۡبَلَدِ ﰀ ﴿١﴾

ھن شھر (مڪي) جو قسم کڻان ٿو.

وَأَنتَ حِلُّۢ بِهَٰذَا ٱلۡبَلَدِ ﰁ ﴿٢﴾

۽ تون ھن شھر ۾ (ته) رھندڙ آھين.

وَوَالِدٖ وَمَا وَلَدَ ﰂ ﴿٣﴾

۽ ڄڻيندڙ جو (قسم کڻان ٿو) ۽ ان جو جيڪو ڄايو.

لَقَدۡ خَلَقۡنَا ٱلۡإِنسَٰنَ فِي كَبَدٍ ﰃ ﴿٤﴾

ته بيشڪ ماڻھو کي ڏک ۾ (پوڻ لاءِ) خلقيوسون.

أَيَحۡسَبُ أَن لَّن يَقۡدِرَ عَلَيۡهِ أَحَدٞ ﰄ ﴿٥﴾

(ماڻھو) ڀانئيندو آھي ڇا ته مٿس ڪوبه غالب نه ٿيندو؟

يَقُولُ أَهۡلَكۡتُ مَالٗا لُّبَدًا ﰅ ﴿٦﴾

چوي ٿو ته مون تمام گھڻو مال کپايو.

أَيَحۡسَبُ أَن لَّمۡ يَرَهُۥٓ أَحَدٌ ﰆ ﴿٧﴾

ڀانئيندو آھي ڇا ته ڪنھن ڪونه ڏٺو اٿس؟

أَلَمۡ نَجۡعَل لَّهُۥ عَيۡنَيۡنِ ﰇ ﴿٨﴾

کيس ٻه اکيون نه ڏنيون اٿون ڇا؟

وَلِسَانٗا وَشَفَتَيۡنِ ﰈ ﴿٩﴾

۽ ڄڀ ۽ ٻه چَپ به؟

وَهَدَيۡنَٰهُ ٱلنَّجۡدَيۡنِ ﰉ ﴿١٠﴾

۽ ٻه رستا ڏيکارياسونس.

فَلَا ٱقۡتَحَمَ ٱلۡعَقَبَةَ ﰊ ﴿١١﴾

پوءِ ڪوبه سخت لَڪ نه لنگھيو.

وَمَآ أَدۡرَىٰكَ مَا ٱلۡعَقَبَةُ ﰋ ﴿١٢﴾

۽ ڪنھن سمجھايئي ته سخت لَڪّ ڇا آھي؟

فَكُّ رَقَبَةٍ ﰌ ﴿١٣﴾

ٻانھو آجو ڪرڻ آھي.

أَوۡ إِطۡعَٰمٞ فِي يَوۡمٖ ذِي مَسۡغَبَةٖ ﰍ ﴿١٤﴾

يا بُک جي ڏينھن ۾ کاڄ کارائڻ.

يَتِيمٗا ذَا مَقۡرَبَةٍ ﰎ ﴿١٥﴾

مائٽي واري ڇوري ٻار کي.

أَوۡ مِسۡكِينٗا ذَا مَتۡرَبَةٖ ﰏ ﴿١٦﴾

يا مٽيءَ ۾ رُلندڙ محتاج کي.

ثُمَّ كَانَ مِنَ ٱلَّذِينَ ءَامَنُواْ وَتَوَاصَوۡاْ بِٱلصَّبۡرِ وَتَوَاصَوۡاْ بِٱلۡمَرۡحَمَةِ ﰐ ﴿١٧﴾

ان کانپوءِ (اُھو) مؤمنن مان ھجي ۽ ھڪ ٻئي کي صبر جي وصيت ڪيائون ۽ (پڻ) ھڪ ٻئي کي (خلق تي) ٻاجھ ڪرڻ جي وصيت ڪيائون.

أُوْلَٰٓئِكَ أَصۡحَٰبُ ٱلۡمَيۡمَنَةِ ﰑ ﴿١٨﴾

اُھي نيڪ بخت سڄي پاسي وارا آھن.

وَٱلَّذِينَ كَفَرُواْ بِـَٔايَٰتِنَا هُمۡ أَصۡحَٰبُ ٱلۡمَشۡـَٔمَةِ ﰒ ﴿١٩﴾

۽ جن اسان جي آيتن جو انڪار ڪيو سي بدبخت کٻي وارا آھن.

عَلَيۡهِمۡ نَارٞ مُّؤۡصَدَةُۢ ﰓ ﴿٢٠﴾

مٿن دميل باھ چوڌاري ويڙھيل (موڪلبي) آھي.