خير جليس لا يمل حديثه
سورة العلق

Sindhi

سورة العلق - عدد الآيات 19

ٱقۡرَأۡ بِٱسۡمِ رَبِّكَ ٱلَّذِي خَلَقَ ﰀ ﴿١﴾

(اي پيغمبر) پنھنجي پالڻھار جي نالي سان پڙھ جنھن (سارو جڳ) خلقيو.

خَلَقَ ٱلۡإِنسَٰنَ مِنۡ عَلَقٍ ﰁ ﴿٢﴾

ماڻھوءَ کي رت جي دِڳ مان بڻايائين.

ٱقۡرَأۡ وَرَبُّكَ ٱلۡأَكۡرَمُ ﰂ ﴿٣﴾

پڙھ ۽ تنھنجو پالڻھار ڏاڍو سڳورو آھي.

ٱلَّذِي عَلَّمَ بِٱلۡقَلَمِ ﰃ ﴿٤﴾

جنھن (ماڻھوءَ کي علم) قلم سان سيکاريو.

عَلَّمَ ٱلۡإِنسَٰنَ مَا لَمۡ يَعۡلَمۡ ﰄ ﴿٥﴾

ماڻھوءَ کي اُھو سيکاريائين جو نه ڄاڻندو ھو.

كَلَّآ إِنَّ ٱلۡإِنسَٰنَ لَيَطۡغَىٰٓ ﰅ ﴿٦﴾

سچ آھي ته بيشڪ ماڻھو سرڪشي ڪندو آھي.

أَن رَّءَاهُ ٱسۡتَغۡنَىٰٓ ﰆ ﴿٧﴾

جڏھن اُھو پاڻ کي بي پرواھ ڏسندو آھي.

إِنَّ إِلَىٰ رَبِّكَ ٱلرُّجۡعَىٰٓ ﰇ ﴿٨﴾

بيشڪ تنھنجي پالڻھار ڏانھن موٽي وڃڻو آھي.

أَرَءَيۡتَ ٱلَّذِي يَنۡهَىٰ ﰈ ﴿٩﴾

اُھو ڏٺو اٿئي ڇا جيڪو جھليندو آھي.

عَبۡدًا إِذَا صَلَّىٰٓ ﰉ ﴿١٠﴾

(منھنجي) ٻانھي کي جڏھن اھو نماز پڙھندو آھي.

أَرَءَيۡتَ إِن كَانَ عَلَى ٱلۡهُدَىٰٓ ﰊ ﴿١١﴾

ڏٺو اٿئي ڇا ته جيڪڏھن (اُھو ماڻھو) سڌي رستي تي ھجي ھا.

أَوۡ أَمَرَ بِٱلتَّقۡوَىٰٓ ﰋ ﴿١٢﴾

يا پرھيزگاريءَ جو حڪم ڪري ھا.

أَرَءَيۡتَ إِن كَذَّبَ وَتَوَلَّىٰٓ ﰌ ﴿١٣﴾

ڏٺو اٿئي ڇا ته جيڪڏھن ڪوڙ ڀانيائين ۽ پٺيرو ٿيو.

أَلَمۡ يَعۡلَم بِأَنَّ ٱللَّهَ يَرَىٰ ﰍ ﴿١٤﴾

ته (ھيُ) نه ڄاتائين ڇا ته الله ڏسي ٿو.

كَلَّا لَئِن لَّمۡ يَنتَهِ لَنَسۡفَعَۢا بِٱلنَّاصِيَةِ ﰎ ﴿١٥﴾

ائين نه آھي! قسم آھي ته جيڪڏھن پاڻ نه پليندو، ته ضرور پيشانيءَ جي وارن کان وٺي گھلينداسونس.

نَاصِيَةٖ كَٰذِبَةٍ خَاطِئَةٖ ﰏ ﴿١٦﴾

اُھا پيشاني جا ڪوڙي گنھگار آھي.

فَلۡيَدۡعُ نَادِيَهُۥ ﰐ ﴿١٧﴾

پوءِ ڀلي ته پنھنجي ڪچھريءَ وارن کي سڏي.

سَنَدۡعُ ٱلزَّبَانِيَةَ ﰑ ﴿١٨﴾

اسين به دوزخ جي داروغن کي سڏينداسون.

كَلَّا لَا تُطِعۡهُ وَٱسۡجُدۡۤ وَٱقۡتَرِب۩ ﰒ ﴿١٩﴾

ائين نه آھي، تون چيو نه مڃيس ۽ سجدو ڪر ۽ (الله کي) ويجھو ٿيءُ.